بائيڪ هلائيندي آهيان ته ڇوڪرا ڪڍ پئجي ويندا آهن: اداڪارا ثنا نواز

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ثنا نواز چيو آهي ته هن کي موٽرسائيڪل هلائڻ جو گھڻو شوق آهي پر جڏهن هوءَ هيوي بائيڪ هلائيندي آهي ته ڇوڪرا هن جي ڪڍ پئجي ويندا آهن.
اداڪارا ثنا نواز تازو ئي خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن فلمن، ڊرامن ۽ پنهنجي هيوي بائيڪ جي شوق بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پروگرام جي شروع ۾ فلمن کانپوءِ ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ جو سبب ٻڌائيندي ثنا نواز چيو ته آئون پنهنجو ڪيريئر فلم انڊسٽري سان شروع ڪيو، پر فلمن جو معيار اڃا به بهتر ناهي، مون کي لڳندو آهي ته پاڪستان سينيما کي فلمن ۾ سنجيدهه ناهي ورتو ويندو، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پاڪستاني فلمن جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ڊراما وڌيڪ شوق سان ڏٺا ويندا آهن.
هن چيو ته اسان بالي ووڊ مان متاثرٿي فلمون ڏسندا آهيون، هاڻي جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ گھڻي بجيٽ ناهي جنهن جي ڪري فلمون معياري ناهن ٺهي رهيون.
سندس چوڻ هوته کيس هيوي بائيڪ هلائڻ جو گھڻو شوق آهي، ان دوران ڪيترائي ڀيرا ڪري به پئي آهي.
ثنا نواز چيو ته هن وٽ فيٽ بواءِ هيوي بائيڪ آهي جيڪا تقريبن 50 لک رپين جي آهي.
هيوي بائيڪ هلائڻ دوران مزاحيا واقعو ٻڌائيندي اداڪارا چيو ته هڪ ڏينهن سندس بائيڪ جي پٺيان ٻه ڪتان لڳا هئا.
هن چيو ته ڊفينس فيز 8 ۾ بائيڪ هلائي رهي هيس، ان دوران ٻه ڪتا منهنجي ڪڍ پئجي ويا ۽ کڏ ۾ ڪرندي ڪرندي بچي ويس.
اداڪارا ٻڌايو ته جڏهن آئون بائيڪ هلائيندي آهيان ته گھڻو ڪري منهنجي گاڏي پٺيان هوندي آهي، ان جو سبب اهو اهي جو ڇوڪرا ڪڍ لڳي پوندا آهن.
ثنا نواز جو چوڻ هو ته بائيڪ هلائيندي جڏهن منهنجي ڪڍ ڇوڪرا پئجي وڃن ته سوچيو ته عام ڇوڪرين سان ڇا ٿيندو هوندو، جيڪي ڇوڪريون روز ٻاهر نڪري سفر ڪن ٿيون انهن لاءِ ڪيترو ڏکيو هوندو، بائيڪ سولي سواري آهي، پاڪستان ۾ ڇوڪرين جو ٻاهر نڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، ٻين ۾ ائين ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.