سٺي صحت لاءِ جسماني سرگرمي جي حوالي ڪيترائي مطالعا ٿي چڪا آهن. پر تازو ئي ڪيل هڪ تحقيق ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته هفتي ۾ 75 منٽ ڀڄڻ اسان جي زندگي ۾ 12 سال اضافو ڪري سگھي ٿو.
انٽرنيشنل جرنل آف انوائرنمينٽل رسرچ اينڊ پبلڪ هيلٿ ۾ ڇپيل تحقيق ۾ محققن 4400 ماڻهن جو م طالعو ڪيو.
مطالعي ۾ محققن هفتي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 75 منٽ ڊوڙندڙن جي گھٽ ۾ گھٽ 10 منٽ ڊوڙندڙن سان ڀيٽ ڪئي.
تحقيق ۾ ڊي اين اي جي هڪ حصي ٽيلوميئرس تي غور ڪيو ويو. اهو حصو ڪروموسومز جي مٿن تي موجود ڍانچن کي بيان ڪندو آهي. جيئن جيئن انسان جي عمر وڌندي آهي ان جا ٽيلوميئرز سسي ويندا آهن. آخر ۾ اهي تمام ننڍا ٿي ويندا اهن ۽ اوهان جا جيوگھرڙا باقاعدگي سان ڪم ناهن ڪري سگھندا.
ٻي پاسي جيڪڏهن انهن ٽيلوميئرز کي سسڻ نه ڏنو وڃي ته ڊي اين اي جي به عمر گھٽجي ويندي آهي.
تحقيق ۾ ڏٺو ويو ته هفتي ۾ 75 منٽ ڀڄندڙن جي حياتياتي عمر ۾ اندازن 12 سالن جو فرق ڏٺو ويو.
تحقيق ۾ ليکن فوتگين جي شرح جي ماپ نه ڪئي، پر، هنن ڀڄڻ ۽ وڏي عمر وچ ۾ واسطي جي بهتر فهم لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت تي زور ڏنو.
You might also like