نيوزيلينڊ کي ٽوٽا چٻائيندڙ فخر زمان جو اهم بيان سامهون اچي ويو

بينگلور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف بهترين بيٽنگ سبب پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ کٽيندڙ قومي ٽيم جي اوپنر فخر زمان چيو آهي ته اسان کي خبر هئي هيءَ ميچ اسان لاءِ ڊو اور ڊاءِ آهي.
نيوزيلينڊ خلاف ڪاميابي کانپوءِ ڳالهائيندي فخر زمان چيو ته هيءَ منهنجي ڪيريئر جي بهترين اننگز مان هڪ هئي، اسان جارحاڻي بيٽنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان پلان موجب کيڏياسين، قسمت به ساٿ ڏنو، اهڙي ئي جارحاڻي حڪمت عملي سان ايندڙ ميچ به کٽينداسين.
واضح رهي ته فخر زمان ڪيويز خلاف 11 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 126 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.