گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) گهوٽڪي ۾ يونين ڪائونسل قادرپور جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي چونڊ سڀاڻي ٿيندي.
جنرل ڪائونسلر جي سيٽ تي پ پ ۽ جي يو آءِ اميدوار آمهون سامهون آهن، بشير احمد ڀٽو پ پ، جڏهن ته برڪت علي ڀٽو جي يو آءِ جو اميدوار آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب يوسي قادرپور جي وارڊ نمبر تي ووٽن جو ڪُل انگ 35 سئو آهي ۽ سڀني پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويندا ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي ويندي.
Prev Post
You might also like