نيپال ۾ زلزلو، 140 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) نيپال ۾ 6.4 شدت جي زلزلي سبب 140 ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب جمعي جي رات جو آيل زلزلي جو مرڪز راڄڌاني کٽمنڊو کان 500 ڪلوميٽر پري اولهه ۾ هو. زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويون. روڊ تباهه ٿي ويا، بجلي ۽ مواصلات جو نظام به درهم برهم ٿي ويو. زلزلي سبب ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا جڏهن ته اڃا به ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ دٻيل آهن.
اختيارين جو چوڻ هو ته زلزلي سان متاثر ٻن جابلو علائقن ۾ امدادي ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون. نيپالي فوج به امدادي ڪاررواين ۾ شهري انتظاميا جي مدد ڪري رهي آهي. زلزلي سبب فوتگين ۾ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. نيپال ۾ آيل زلزلي جا لوڏا ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي به ڪيترن ئي علائقن ۾ محسوس ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.