غزا ۾ رت سان رڱيل ٻارن جون تصويرون ڏسي ڳوڙها اچي وڃن ٿا:روسي صدر

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) ورسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته غزا ۾ رت سان رڱيل ٻارن جون تصويرون ڏسي ڳوڙها اچي ويندا آهن.
روسي صدر پيوٽن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پٿر دل ماڻهو ئي غزا جي تباهي تي خاموش رهي سگھن ٿا. غزا ۾ رت سان رڱيل ٻارن جو تصويرون ڏسي ڳوڙها اچي ويندا اهن ۽ وار اڀا ٿي ويندا آهن.
هن چيو ته فلسطين ۾ جاري بمباري فوري طور تي نه بيٺي ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگھي ٿي جيڪڏهن ڪنهن کي غزا جي واقعن جو احساس نٿو ٿئي ته ان جي سيني ۾ دل نه پٿر آهي. ان ڳالهه کي سمجهڻ ضرورت آهي ته برائيءَ جي پاڙ ڪٿي آهي ۽ ان برائي ڪيئن جنم ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.