نشي کان ڇوٽڪارو ڏياريندڙ ويڪسين تيار

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل جي سائنسدانن اهم ڪارنامو انجام ڏنو آهي، هنن هڪ ويڪسين متعارف ڪرائي آهي جيڪا ڪوڪين جي عادت ڇڏرائڻ جي علاج لاءِ گھڻي فائديمند آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب ”ڪيليڪس ڪوڪا“ جي نالي سان تيار ڪيل اها ويڪسين جسم جي مدافعتي نظام کي اثرائتو بڻائي ٿي، ته جيئن ڪوڪين ۽ ڪريڪ کي دماغ تائين پهچڻ نه ڏنو وڃي، اها ماڻهن کي نشي ۾ ڌت ٿيڻ کي روڪي پنهنجو ڪم ڪري ٿي.
تحقيق ۾ شامل محققن کي اميد آهي ته اها ويڪسين نشي جي عادي ماڻهن جي طلب کي گھٽائي انهن جي مدد ڪندي ۽ ماڻهن کي نشي جي عادت کان ڇوٽڪارو ملي سگھندو.
اها ويڪسين مريض جي دافعتي نظام ۾ اينٽي باڊيز پيدا ڪري پنهنجا معاملا انجام ڏيندي، اهي اينٽي باڊيز رت ۾ موجود ڪوڪين جي ماليڪيولز سان سلهاڙجي وڃن ٿا ۽ ايترا وڌي وڃن ٿا جو اهي دماغ جي ان حصي تائين نٿا پهچي سگھن جيڪو نشي آور شي سبب ڊوپامائن جو وڏو مقدار پيدا ڪندو آهي.
برازيل جي فڊرل يونيورسٽي آف ميناس گيريس جي نفسيات ماهر جو ان بابت چوڻ آهي ته جيڪڏهن علاج جي منظور ملي وڃي ٿي ته اهو پهريون ڀيرو هوندو ته ڪوڪين جي عادت جي علاج لاءِ ڪنهن ويڪسين جو استعمال ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.