”ڊراما نه ڪر“ ارمينا خان جي شنيرا اڪرم تي تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ارمينا خان اڳوڻي ڪرڪيٽر وسيم اڪرم جي گهرواري شنيرا جي تازي بيان تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
شنيرا اڪرم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو هو ته مان پاڻ کي تمام گهڻي بي وس محسوس ڪري رهي آهيان، مان ڪڏهن به پنهنجي خيالن ۽ احساسن کي بيان ڪرڻ ۾ خوف محسوس ناهي ڪيو پر اڄ مان تمام گهڻي جذباتي ٿي رهي آهيان.
سندس چوڻ هو ته حقيقت ۾ مون وٽ چوڻ لاءِ لفظ ئي ناهن بچيا ۽ جيڪڏهن ان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته مان معذرت ڪيان ٿي.
وسيم اڪرم جي گهرواري پوسٽ ۾ واضح نه ڪيو ته هوءَ ڪهڙي مسئلي تي ڳالهائي رهي آهي پر ان پوسٽ کانپوءِ ارمينا خان کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ارمينا خان، شنيرا اڪرم جي پوسٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته جڏهن پاڪستان جي ڪنهن مسئلي جي ڳالهه اچي ته ان وقت توهان وٽ چوڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو آهي.

هن شنيرا کي مشورو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان کي فلسطين بابت ڳالهائڻو آهي ته کليل نموني ڳالهايو يا پنهنجون ڊرامائي ڳالهيون پاڻ وٽ رکو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.