ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي هوا زهريلي ٿي وئي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جي هوا زهريلي ٿي وئي جنهن سبب ساهه جا مريض ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب هوائي گدلاڻي سبب نئين جو آسمان دونهين جي ٿلهي تهه ۾ لڪي ويو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته گدلاڻ جي سطح هلندڙ موسم ۾ پهريون ڀيرو اتهائي سنگين ڪيٽيگري ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن سبب نئين دهلي حڪومت هوائي گدلاڻي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب نئين دهلي ۾ گذريل شام جو 5 وڳي تائين ايئر ڪوالٽي ليول 402 تائين پهچي ويو هو جيڪو ان موسم ۾ درج ڪيل سڀ کان وڌيڪ اي ڪيو آءِ آهي.
موسمياتي ماهرن ايندڙ ٻن هفتن دوران نئين دهلي ۾ گدلاڻ جي سطح وڌائڻ جي تنبيهه جاري ڪئي آهي ۽ هوائي گدلاڻ سبب نئين دهلي، پنجاب ۽ هريانه ۾ تعميراتي ڪمن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.