فيض آباد ڌرڻي ۽ سي پيڪ کي بند ڪرڻ جو ماسٽر مائينڊ فيض حميد هو: ن ليگ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو سنئوڻ آهي.
ماڊل ٽائون سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته اڄ چيو پيو و ڃي فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ ڪير آهي؟ فيض آباد ڌرڻي جي ماسٽر مائينڊ جو 10 سالن کانپوءِ پڇيو پيو وڃي، سٺي ڳالهه آهي ته عدل جهڙي اداري ۾ تبديلي اچڻ سان ڪجهه ته پڇيو ويو، ڪٿي ائين نه ٿئي ته فيض آباد ڌرڻي جي ماسٽر مائينڊ کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ 10 سال ٻيا لڳي وڃن.
هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ جنرل فيض هو، جنهن جي چوڻ تي سي پيڪ بند ڪيو ويو، ڊونلڊ ٽرمپ وٽ ويو ته ڪشمير ڀارت کي ڏئي آيو، ان ماسٽر جو نالو قوم سامهون اچڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته چونڊن جي اعلان کي سڄي قوم ساراهي ٿي، ليول پليئنگ فيلڊ سڀني کي ملڻ گهرجي، ليول پليئنگ فيلڊ ۽ منصفاڻي چونڊ ٿيڻ گهرجي.
جاويد لطيف وڌيڪ چيو ته اربين کربين رپيا ماڻهن جي ذهن سازي ڪرڻ تي خرچ ڪيا ويا، سڀ ڳالهيون سامهون اچڻ باوجود ڪنهن کي ٻئي ثبوت جي ضرورت آهي؟ اسان جي خلاف ذهن ٺاهيو ويو ته اهي چور، ڦورو آهن.
ن ليگ اڳواڻ چيو ته هڪ جوابدار جيل ۾ آهي ۽ فائيو اسٽار هوٽل جهڙي زندگي گذاري رهيو آهي، ان جيل جي سڀني قيدين کي اهڙيون سهولتون ملڻ گهرجن، پاڻ آمريڪا ۾ ويهي چوندا هئا ته انهن کي جيل ۾ پکو به نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.