بحرين اسرائيل سان واپاري لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا

مناما (ويب ڊيسڪ) بحرين غزا تي ٿيندڙ اسرائيلي ظلمن خلاف قدم کڻندي اسرائيل جي سفير کي طلب ڪيو ۽ اسرائيل سان اقتصادي لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا.
بحرين جو چوڻ آهي ته ان اسرائيل مان پنهنجي سفير کي واپس گھرائي ورتو آهي ۽ ملڪ سان سمورا اقتصادي لاڳاپا ڪاٽي ڇڏيا آهن.
هڪ بيان ۾ نار رياست جي پارليامينٽ چيو آهي ته اهو قدم ”فلسطيني ڪاز ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن“ جي حمايت ۾ کنيل قدمن جو حصو آهن.
بحران جنهن 2020ع ۾ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا، چيو آهي ته منامه مان اسرائيلي سفير اڳ ئي روانو ٿي چڪو آهي.
اهو اعلان اردن جي قدمن جي هڪ ڏينهن بعد سامون آيو آهي اردن چيو هو ته ان اسرائيل جي حملن جي وچ ۾ ”تباهي“ جي خلاف احتجاج لاءِ اسرائيل مان پنهنجي سفير کي واپس گھرائي ورتو آهي.
بوليويا هن هفتي عزا جنگ تي اسرائيل باضابطا لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا جڏهن ته چلي ۽ ڪولمبيا به تل ابيب مان پنهنجي سفير کي مشاورت لاءِ واپس گھرائي ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.