اسان جي ”ٻي ٽيم“ پاڪستان آهي: بنگلاديشي فين به گرين شرٽس لاءِ دعائون ڪرڻ لڳا

ڀارت ۾ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا جاري آهي، جتي ميزبان ڀارتي ٽيم لڳاتار 7 ڪاميابيون ماڻي سيمي فائنل ۾ جاءِ به ٺاهي ورتي آهي، جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جا به 7 مان 6 ڪاميابيون ماڻي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جا امڪان چٽا آهن پر آسٽريليا، نيوزيلينڊ، پاڪستان ۽ افغانستان ۾ مقابلو آهي، جن مان وڌيڪ ٻه ٽيمون سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهينديون.
پوائنٽس ٽيبل تي قومي ٽيم 7 مان 3 ميچون کٽي 6 پوائنٽن سان پنجين نمبر تي آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم 7 مان 4 ميچون کٽي 8 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي آهي.
آسٽريليا جي ٽيم 6 مان 4 ميچون کٽي 8 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي آهي پر ان جون ايندڙ ميچون ڪمزور ٽيمن سان آهن، تنهن ڪري ظاهري طور لڳي ٿو ته آسٽريليا کي سيمي فائنل تائين پهچڻ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيندو.
افغانستان جي ڳالهه ڪجي ته اها 6 مان 3 ميچون کٽي 6 پوائنٽن سان ڇهين نمبر تي آهي پر وڌيڪ اپ سيٽ ڪري اها سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي سگهي ٿي.
ميگا ايونٽ ۾ قومي ٽيم جي ايندڙ ميچ ڇنڇر تي نيوزيلينڊ سان شيڊيول آهي ۽ ڪيويز خلاف ڪاميابي جي صورت ۾ پاڪستان جون به 8 پوائنٽون ٿي وينديون، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي آخري ميچ انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي آخري ميچ سريلنڪا سان ٿيندي.
جيڪڏهن قومي ٽيم ايندڙ ٻئي ميچون کٽي ٿي ته ان جون 10 پوائنٽون ٿي وينديون ۽ ڪيوي ٽيم ٻئي ميچون هارائي ٿي ته اها سيمي فائنل ۾ نه پهچي سگهندي ۽ پاڪستان ٽاپ فور لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو پر جيڪڏهن نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان کان هارائي ٿي ۽ سريلنڪا کان کٽي ٿي ته پوءِ ٻنهي جون 10-10 پوائنٽون ٿينديون ۽ فيصلو رن ريٽ جي بنياد تي ٿيندو، جنهن ۾ نيوزيلينڊ في الحال پاڪستان کان اڳتي آهي پر ايندڙ ميچن جي نتيجن سان رن ريٽ تي فرق پئجي سگهي ٿو.
هوڏانهن بنگلاديش جي ٽيم توڙي جو ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي آهي پر انهن به پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ دعائون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ بنگلاديشي ڪرڪيٽ شوقينن جو چوڻ آهي ته اسان جي ”ٻي ٽيم“ پاڪستان آهي.
جتي پاڪستاني قوم پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۽ سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ دعائون گهري رهي آهي، اتي ئي وري بنگلاديش جا فين به پاڪستان کي سپورٽ ڪري رهيا آهن ۽ گرين شرٽس کي سيمي فائنل ۾ ڏسڻ چاهين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.