رياض: (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب حج 2024 لاءِ فلائيٽ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.
سعودي ايوي ايشن GACA پاران جاري ڪيل شيڊول موجب حج کان اڳ اڏامون 9 مئي 2024ع کان شروع ٿينديون.
سعودي عرب لاءِ حج کان اڳ اڏام جي آمد 10 جون تائين جاري رهندي.
گي اي سي اي موجب سعودي عرب مان حاجين جي واپسي 20 جون کان ٿيندي، جڏهن ته آخري حج اڏام 21 جولاءِ 2024 تي رواني ٿيندي.
سعودي ايوي ايشن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي آءِ اي سميت ٻين ملڪن جي ايئر لائنز کان حج کان اڳ ۽ حج کانپوءِ فلائيٽ آپريشن جون درخواستون پهرين جنوري 2024 تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.