افغان پناهگيرن کي زبردستي ڪڍڻ سان اسان جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيندا: صنم سعيد

ناليواري اداڪارا صنم سعيد پاڪستان مان افغان پناهگيرن جي بي دخلي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي.
صنم سعيد ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته پاڪستان ۾ پناهه وٺندڙ افغان پناهگيرن کي زبردستي ڪڍڻ سان اسان جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيندا.
هن چيو مون کي لڳي ٿو ته اسان جي حڪومت ملڪ کي پيش چئلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ بدران اسان جو ڌيان ڪنهن ٻئي پاسي منتقل ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته هن وقت دنيا ۾ جيڪي حالتون هلي رهيون آهن، انهن کي ڏسندي اسان کي هڪٻئي سان همدردي ۽ رحم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.