ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان پنهنجي ڀائيٽي ايلزا اگني هوتري جي پهرين فلم ”فري“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي.
هن فلم کي سلمان خان پروڊيوس ڪيو آهي، ان موقعي تي سلمان خان پنهنجي گهريلو انداز ۾ نظر آيو، ممبئي ۾ ٿيل ان تقريب ۾ سندس گهر وارا به موجود هئا.
ياد رهي ته ايلزا اگني هوتري سلمان خان جي ڀيڻ الويرا خان ۽ فلمساز اتل اگني هوتري جي ڌيءَ آهي.
فلم فري هن مهيني جي 24 تاريخ تي رليز ٿيندي.
تقريب دوران سلمان خان ايلزا اگني هوتري ۽ فري جي پوري ٽيم سان تصويرون پڻ ڪڍرايون.
ايوش شرما ۽ سندس زال ارپيتا خان، سهيل خان ۽ سندن پٽ نروان خان پڻ تقريب ۾ موجود هئا.
فلم جي هدايتڪاري ايوارڊ ماڻيندڙ فلمساز سوميندر پاڌي ڪئي آهي، جڏهن ته ڪاسٽ ۾ عليزا کان سواءِ زين شاهه، ساحل مهتا، پرسنا بشت، رونيت بوس راءِ ۽ جوهي بابر سوني شامل آهن.