”پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڀارت کي هارايو ته عرفان پٺاڻ کان سٺي ڊانس ڪندس“

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏئي ته مان عرفان پٺاڻ کان سٺي ڊانس ڪندس.
ڀارت جي اڳوڻي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان هٿان پاڪستان جي شڪست تي گرائونڊ ۾ راشد خان سان گڏجي ڊانس ڪئي هئي، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل به ٿيون.
عرفان پٺاڻ جي اهڙي عمل تي جتي سوشل ميڊيا واهپيدارن تنقيد ڪئي، اتي ئي وري ڀارت جي پاڪستان سان نفرت به کليل نموني سامهون آئي.
تازو نجي ٽي وي چئنل جي شو ۾ هڪ واهپيدار اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ويو ته ڀارت کي شڪست ڏئي سگهندو؟
ان تي عبدالرزاق چيو اڳ ۾ ته دعا ڪيو پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي، افغانستان پاڪستان کي هارايو ته ڀارتي ڪرڪيٽر ڊانس ڪري رهيا هئا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي يا ذاتي دشمني ڪڍي پئي وڃي.
عبدالرزاق جي ڳالهه تي محمد عامر چيو منهنجو واعدو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل ۾ پهچي ڀارت کي شڪست ڏئي ته مان عرفان پٺاڻ کان سٺي ڊانس ڪندس.
ان دوران آل رائونڊر عماد وسيم چيو منهنجي خواهش آهي ته پاڪستان سيمي فائنل ۾ ڀارت ۾ ائين ئي شڪست ڏئي، جيئن هن اسان کي رائونڊ ميچ ۾ ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.