”غزا تيزيءَ سان اجتماعي قبر بڻجندو پيو وڃي“انجيلينا جولي جي عالمي اڳواڻن تي تنقيد

انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ۽ هالي ووڊ اداڪارا انجيلينا جولي غزا ۾ اسرائيل جي فضائي بمباري کي ڦاٿل آبادي تي ڄاڻي واڻي بمباري ۽ قتل عام قرار ڏئي ڇڏيو.
انجيلينا جولي سوشل ميڊيا تي اسرائيلي جارحيت جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هيءَ هڪ اهڙي بي وس آبادي تي ڄاڻي واڻي بمباري آهي، جنهن وٽ ڀڄڻ يا وڃڻ لاءِ ڪا جاءِ ناهي.
هن اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان لکيو ته غزا تقريبن ٻن ڏهاڪن کان هڪ کليل فضا ۾ قيد آهي ۽ تيزيءَ سان اجتماعي قبر بڻجندو پيو وڃي، مرندڙن ۾ 40 سيڪڙو معصوم ٻار آهن ۽ هتي سمورن خاندانن کي قتل ڪيو پيو وڃي.
انجيلينا جولي عالمي اڳواڻن تي تنقيد ڪندي چيو ته دنيا ڏسي رهي آهي ۽ فلسطينين کي اجتماعي طور سزا ڏني وڃي ۽ انهن سان غير انساني ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.