آمريڪي صدر پاران پهريون ڀيرو غزا ۾ جنگ کي عارضي طور روڪڻ جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جو بائيڊن پهريون ڀيرو غزا ۾ اسرائيلي جارهيت کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هڪ تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي صدر چيو ته انساني همدردي جي بيناد تي اسرائيل کي غزا ۾ پنهنجي ”جنگ“ کي عارضي طور تي روڪڻ گھرجي.
تقريب دوران هڪ فرد طرفان غزا ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪرڻ تي جو بائيڊن چيو ته منهنجي خيال ۾ جنگ ۾ عارضي وقفي جي ضرورت آهي.
جڏهن هان کان سوال ڪيو ويو ته وفقي جو مطلب ڇا آهي، جنهن تي آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته قيدين کي آزاد ڪرائڻ جو وقت هوندو.
آمريڪي صدر حماس جي قيد ۾ موجود اسرائيلين جو حوالو ڏنو هو ته جڏهن ته هو ان وقفي دوران غزا ۾ موجود سڀني امريڪي شهرين جو انخلا به چاهي ٿو.
آمريڪي صدر جو اهو بيان وائيٽ هائوس جي موقف ۾ تبديلي ظاهر ڪري ٿو.
ان کان اڳ وائيٽ هائوس چئي رهيو هو ته اسان اسرائيل کي هدايت ناهيون ڏيندا ته فوجي آپريشن ڪيئن ڪرڻ گھرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.