ماڙي جلباڻي واقعي بابت ٻڌڻي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اهم حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي بابت ٻڌڻي ڪندي ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، فريادي ۽ متاثرن کي طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ 4 ڄڻن جي قتل ۽ عورتن سميت 12 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت ڪيس جو مڪمل رڪارڊ، جاچ آفيسر، فريادي ۽ مقتولن جي وارثن کي طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي ٻن هفتن ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رينجرز ۽ سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.