”دِس ٽائم فار آفريڪا“ پروٽيز ورلڊ ڪپ ۾ ڇڪن جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

پوني ( ويب ڊيسڪ ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڇڪن جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

پوني ۾ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 32 هين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا هڪ ڀيرو وري مخالف ٽيم کي ٺاهوڪو ڪٽڪو ڏيندي نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 358 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي 357 رنسون ٺاهيو، وين ڊر ڊوسن 133 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ 114 رنسن جي اننگز کيڏي.

ڊيوڊ ملر ٽيهه بالن تي شاندار 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کانسواءِ هينرڪ ڪلاسن ستن بالن تي 15 ۽ ايڊن مارڪرم ڇهه رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

نيوزيلينڊ خلاف ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پوري اننگز دوران 15 ڇڪا هنيا جنهن کانپوءِ ڏکڻ آفريڪي ٽيم عالمي ڪپ سڀ کان وڌيڪ ڇڪن جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

ڏکڻ آفريڪا مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي هڪ ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ ٽيم بڻجي وئي آهي.

ڏکڻ آفريڪي ٽيم هلندڙ عالمي ڪپ جي 7 ميچز ۾ سڀ کان وڌيڪ 82 ڇڪا هڻي چڪي آهي جيڪي هڪ ايونٽ دوران ڪنهن به ٽيم طرفان سڀ کان وڌيڪ ڇڪا آهن.

ان کان اڳ اِهو رڪارڊ انگلينڊ وٽ هو جنهن 2019ع واري عالمي ڪپ ۾ 76 ڇڪا هنيا هئا.

ياد رهي ته ڏکڻ آفريڪا جون اڃا ورلڊ ڪپ ۾ ٻه ميچون باقي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.