پوڙهائپ تائين دماغ کي جوان رکڻ چاهيو ٿا ته هنن ڳالهين تي عمل ڪريو!

عمر وڌڻ سان گڏ دماغ کي جوان ۽ صحتمند رکڻ چاهيو ٿا؟ ته سٺي گھري ننڊ کي يقيني بڻايو.

اها ڳالهه آسٽرليا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.

موناش يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گھري ننڊ جي وقت رڳو معمولي گھٽتائي سان دماغي ڪمزوري جو سبب بڻجندڙ مرض ڊيمينشيا جو خطرو نمايان حد تائين وڌي ويندو آهي.

گھري ننڊ جنهن لاءِ طبي ٻولي ۾ سلو ويو سليپ جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي، وقت عمر وڌڻ سان گڏ جيئن جو تيئن گهٽجي ويندو آهي.

ان تحقيق ۾ 60 سالن کان وڏي عمر جي 346 اهڙن ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي جيڪي 1995 کان 2003ع دوران ٻن مختلف تحقيقي رپورٽن جو حصو بڻيا هئا.

ان کان پوءِ انهن ماڻهن جي دماغي صحت جو جائزو 2018ع تائين ورتو ويو ۽ دريافت ٿيو ته عمر وڌڻ سان گھري ننڊ جو وقت جيئن جو تيئن گھٽجڻ لڳندو آهي.

انهن رضاڪارن مان 17 ۾ ڊيمينشيا جي سڃاڻپ ٿي هئي ۽ محققن ٻڌايو ته گھري ننڊ جي وقت ۾ هر سال رڳو هڪ سيڪڙو گھٽتائي سان ڊيمينشيا جو خطرو 27 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

محقنن ٻڌايو ته گھري ننڊ دماغي صحت تي ڪيترن ئي طريقن سان هاڪاري اثر وجهندي آهي، پر هيل تائين اها خبر ناهي پئجي سگھي ته ان سان دماغي ڪمزوري تي ڪهڙا اثر پوندا آهن.

هنن چيو ته نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته گهري ننڊ جي وقت ۾ گھٽتائي سان به ڊيمينشيا جو خطرو وڌندو آهي.

سندن چوڻ هو ته اسان اهو به دريافت ڪيو ته گھري ننڊ جي وقت ۾ گھٽتائي سان ڊيمينشيا جو خطرو وڌندو آهي.

ان تحقيق جا نتيجا جرنل جاما نيورولوجي ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.