مهانگائي جي ماريل عوام تي ساڍا 27 رپيا وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت اي پي پي ۽ ريڊيو پاڪستان کي مالي بحران کان بچائڻ لاءِ عوام تي نوان ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
رپورٽن موجب حڪومت اي پي پي ۽ ريڊيو پاڪستان کي مالي بحران کان بچائڻ لاءِ عوام تي نوان ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
سينيٽر فوزيا ارشد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اطلاعات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته مالي بحران کان بچڻ لاءِ هڪ نئون پروپوزل حتمي مرحلي ۾ آهي.
بجلي جي بلن ۾ پي آءِ ڊي لاءِ ساڍا 12 رپيا، جڏهن ته اي پي پي لاءِ اڍائي رپيا ٽيڪس لڳايو ويندو، ريڊيو پاڪستان لاءِ به 15 رپيا ٽيڪس جي مد ۾ وصول ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.