ورلڊڪپ: پاڪستان جي بنگلاديش کي شڪست، سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي اميد برقرار

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 31 هين ميچ ۾ پاڪستان، بنگلاديش کي ست وڪيٽن تان هارائي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جي ڊور ۾ پاڻ کي شامل رکيو آهي.

ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل ميچ ۾ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

پهريان بيٽنگ ڪندي بنگلاديش جي پوري ٽيم 46 هين اوور ۾ 204 رنسن تي ڍير ٿي وئي، محمد الله 56 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.

پاڪستان بنگلاديش جو 205 رنسن جو هدف 33 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو ، فخر زمان شاندار 81 رنسن جي اننگز کيڏي، سندس اننگز ست ڇڪا شامل هئا، کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

بنگلاديش خلاف فتح پاڪستان ٽيم جي هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ ٽين ڪاميابي آهي جڏهن ته پاڪستان خلاف شڪست کانپوءِ بنگلاديش سيمي فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۽ بنگلاديش هنيئر تائين ورلڊ ڪپ ۾ ست ميچون کيڏيون آهن، پاڪستان کي ٽن ۾ ڪاميابي ملي جڏهن ته بنگلاديش صرف هڪ ميچ کٽي سگهيو.

ٻئي پاسي پاڪستان کي سيمي فائنل ۾ پهچڻ لاءِ پنهنجي باقي ٻه ميچون کٽڻ  سان گڏوگڏ ٻين ٽيمن يج نتيجن تي به ڀاڙڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.