ڏاڙهون جا بهترين فائدا جيڪي اوهان نٿا ڄاڻو؟

ڏاڙهون کي ڇلڻ ته گھڻو ڏکيو هوندو آهي پر ان جي رسيلن ڳاڙهن داڻن کي کائڻ سان محنت وصول ٿي ويندي آهي.
ذائقي کان هٽي ڪري اهو مزيدار ميوو صحت لاءِ به گھڻو فائديمند هوندو آهي.
ان کي کائڻ سان جسم صحتمند ٿيندو آهي ۽ مختلف مرضن جو خطرو گھٽ هوندو آهي.
قديم زماني کان اهو ميوو انسانن جي خوراڪ جو حصو آهي ۽ ان جا فائدا ڄاڻڻ لاءِ گھڻوتحقيقي ڪم به ٿيو آهي.
ڏاڙهون جا ڪجهه فائدا ڄاڻڻ اوهان لاءِ ان ميوي جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيندو.
اينٽي آڪسائيڊنٽس سان ڀرپور
ڏاڙهون جي داڻن ۾ پولي فينول اينٽي آڪسائيڊنٽس جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي.
پوليس فينولز اهڙا مرڪب آهن جيڪي خلين کي نقصان پهچائيندڙ غير مستحڪم ماليڪيولز جو مقابلو ڪندا آهن.
اهڙن ماليڪيولز کي فري ريڊيڪلز به چيو ويندو آهي.
ڏاڙهون ۾ پولي فينولز جو هڪ قسم فليونوئڊز موجود هوندو آهي جيڪو صحت لاءِ گھڻو فائديمند آهي جڏهن ته مختلف مرضن جهڙوڪ هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڪينسر جو خطرو به گھٽ هوندو آهي.
فائبر حاصل ڪرڻ جو سٺو ذريعو
ڏاڙهون جي داڻن سان ڀريل اڌ ڪوپ سان جسم کي 5 گرام فائبر ملندو آهي جيڪو سڄي ڏينهن لاءِ گھربل مقدار جي 18 سيڪڙو حصي جي برابر هوندو آهي.
ڏاڙهون ۾ اهڙي فائبر جو مقدار گھڻو هوندو آهي جيڪو سولائي سان جسم ۾ جذب ناهي ٿيندو.
فائبر جو اهو قسم هاضمي جي نظام کي صحتمند رکڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ قبض کان تحفظ فراهم ڪندو آهي.
اهڙي طرح بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي جڏهن ته بي وقت بک به محسوس ناهي ٿيندي.
وٽامن سي
ڏاڙهون وٽامن سي حاصل ڪرڻ جو به سٺو ذريعو آهي.
ڏاڙهون جي داڻن سان ڀريل اڌ ڪوپ ڪوپ مان 9 ملي گرام وٽامن سي جسم جو حصو بڻجندي آهي.
انساني جسم ان وٽامن کي پاڻي ناهي ٺاهيندو تنهنڪري ان کي خوراڪ ذريعي حاصل ڪيو ويندو آهي جيڪا جسم ۾ هڪ اينٽي آڪسائيڊنٽ جي طور تي ڪم ڪندي آهي.
وٽامن سي جسم جي مختلف فعلن جهڙوڪ پروٽين ميٽابولزم لاءِ مک ڪردار ادا ڪندو آهي جڏهن مدافعتي نظام کي مضبطو بڻائيندو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.