افغانين جي شڪايت تي 2 ايس ايڇ او معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته غير قانوني افغانين جي واپسي جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، افغانين سان بدسلوڪي تي لاڳاپيل اختيارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

نجي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ گهرو وزير چيو ته ڪوئيٽا ۾ افغانين کان پئسا وٺڻ تي 2 ايس ايڇ اوز کي معطل ڪيو ويو آهي.

افغان شهرين خاص ڪري ٻارن ۽ عورتن سان بدسلوڪي بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته اسان جي وزير اعظم جون واضح هدايتون آهن ته جتي به ڪنهن افغان شهري خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن سان بدسلوڪي يا حراسان ڪرڻ جي ڪا به شڪايت ملي ته ايس پي ۽ ان ضلعي جا اعليٰ عملدار ذميوار هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.