ڪراچي مان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ انتظام مڪمل، نادرا، ريلوي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا الرٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.
ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت موجب اربع کان نيڪالي جو عمل شروع ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ هولڊنگ پوائنٽس منتقلي ڪئي ويندي، پوءِ غير قانوني طور رهندڙن کي چمن بارڊر پهچايو ويندو.
هن ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ رينجرز گڏجي ڪم ڪندي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر نگراني ڪندا، غير قانونين کي ڪڍڻ قومي مقصد آهي، سمورا ادارا قومي جذبي سان گڏجي ڪم ڪندا.
ان حوالي سان ڊي آءِ جي اولهه، ڊي آءِ جي ڏکڻ، سڀني ڊپٽي ڪمشنرن، سمورن ايس ايس پيز، پاڪستان رينجرز، نادرا، پاڪستان ريلوي اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.