ساڌو جو روپ اختيار ڪرڻ تي عرفي جاويد کي قتل جون ڌمڪيون

ممبئي (ويب ڊيسڪ) عرفي جاويد کي انوکي انداز ۽ فيشن جي چونڊ سبب گھڻو ڪري تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، هالووين لاءِ عرفي جاويد پاران نئين چونڊ به کيس مهانگي پئجي وئي.
تازو ئي عرفي جاويد هالووين 2023ع لاءِ مشهور فلم ”ڀول ڀليا“مان راجپال يادو جو روپ اختيار ڪيو، جنهن تي کيس قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن.
اداڪارا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي مليل ڌمڪين جا اسڪرين شاٽس شيئر ڪيا آهن.
هن ان تصوير کي شيئر ڪندي لکيو ته آئون هن ملڪ جي رهواسين سبب صدمي ۾ آهيان، مون کي فلم جي هڪ ڪردار کي ٻيهر تخليق ڪرڻ تي قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن جڏهن ته فلم ۾ ان ڪردار تي ڪو به بحث سامهون نه آيو هو.

عرفي جاويد فلم ۾ راجپال يادو جي ڪردار ”پنڊت“ مان متاثر ٿي نئون روپ اختيار ڪرڻ جي پنهنجي وڊيو پوسٽ ڪئي هئي. هن پنهنجي چهري کي ڳاڙهو رنگ ڪندي نارنگي رنگ جي ڌوتي سان گڏ ڳاڙهو ٽاپ پهريو هو.
عرفي جاويد جي اها وڊيو تيزي سان وائرل ٿي وئي هئي، جنهن تي کيس قتل جون ڌمڪيون ملڻ لڳيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.