ڪوهلي تي تنقيد ڇو ڪئي؟ عورت مداحن جو رپورٽر کي ڪٽڪو، ڏسو وڊيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) ڀارتي مڊل آرڊر بيٽر ويرات ڪوهلي کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي مداحن اخبار جي آفيس تي حملو ڪري ڏنو.

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف 95 رنسن جي اننگز کيڏندڙ ويرات ڪوهلي تي اخبار ۾ تنقيد ڪندي چيو ويو هو ته اهم ميچ دوران ڪوهلي انفرادي رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ سست رفتاري سان بيٽنگ ڪئي ۽ کيس خودغرض قرار ڏنو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڪوهلي جي ڪجهه عورت مداحن اخبار جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪندي رپورٽر تي چپلن جو وسڪارو ڪري ڏنو جڏهن ته اخبار جي ملازمن کان اسٽار ڪرڪيٽر بابت اهڙن لفظن تي معافي جو به مطالبو ڪيو.

ٻئي پاسي ڪوهلي جي مداحن  سوشل ميڊيا تي اخبار جي بائيڪاٽ جي مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.