سوشل ميڊيا ڪارنر

مقامي سنڌي آبادي جي ڳالهه نه ڪندا !

افغانين کي نيڪالي واري معاملي تي اوهان بي بي سي، سي اين اين، وائيس آف آمريڪا سميت سمورن عالمي خابرو ادارن جي رپورٽنگ ڏسندئو ته اهي افغانين کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ فرضي افغان رانديگرن، ڪوڙن موسيقارن، تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هٿ ٺوڪين شاگردياڻين جا ڪوڙا قصا ڪهاڻيون شيئر ڪن پيا.باقي مقامي آبادين جي ڪاروبار کي، ڊيموگرافي کي، سيڪيولر ڪلچر کي ناس ڪندڙ افغانين جي حقيقي ڪردار کي گوڏي هيٺان لڪايو ويٺا آهن.۽ اها ئي اُها ساڳي پاليسي آهي، جيڪا دنيا جا ”مائي باپ“ ملڪ مُني صدي اڳ فلسطين ۾ مسلط ڪري چڪا آهن.

جيئن يهودين مٿان ظلم ته کڻي يورپ ۾ ٿيو هو، پر يورپ وارن بعد ۾  ازالي طور يهودين کي ڏنڊ طور فلسطين جي ڌرتي ڏئي پنهنجو ڪفارو ادا ڪيو.تيئن ئي اهي ساڳيا ئي عالمي چوڌري هاڻي افغانستان مٿان بمباريون ڪري هزارين افغانين کي مارڻ جي ڏنڊ طور کين سنڌ ۽ پاڪستان جي ڌرتي، وسيلا ڏئي هڪ نئون ڪَفارو ادا ڪرڻ چاهين ٿا.

افضل شر جي پوسٽ

هتي ڪم ايئن ئي هلڻا آهن!؟

آئون آءِ بي اي 5 کان 15 واري ٽيسٽ ڏيڻ ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي ويس ته پهرين ڪوچ واري سان ڪرايو وڌيڪ وٺڻ تي پڇا ڪئي ته "خير آهي جو ايڏو ڪرايو؟” چيائين نان اسٽاپ آ نئين گاڏي آ وغيره. خير وري صدر کان هليو ته الآصف بس اسٽاپ تي وري اڌ ڪلاڪ بيهاري ڇڏيائين، اڳتي هلي وري ڄامشورو ۾ اڌ ڪلاڪ بيٺو وري اڳتي به ايئن ئي بيهندو ۽ ماڻهو کڻندو هليو جنهن منهنجو هن سان بحث اهو ئي هو ته توهان نان اسٽاپ چيو پوءِ ايڏي دير ڇو ٿا ڪرايو.

سفر دوران اسٽاپ تي به هوٽل واري جو عجيب ورتاءُ هڪ وڌيڪ ريٽ ته ٻيو وري ٻه ٻه ڄڻا بل لاءِ آيا جڏهن ته هڪ ٽئين کي اڳ ئي بل ڏئي ڇڏيو هو جنهن تي سيٺ کي چيو ته هي ڇا چڪر آهي جنهن معذرت به ڪئي ۽ ملازمن کي دٻائڻ لڳو پر مون کيس منع ڪئي ته خير آهي سندسن کسن غلطي ٿي ويندي آهي. اهڙي طرح سفر پورو ٿيندي ٿيندي 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت لڳو. جيئن ئي لٿس ته چنگچي وارو ٻانهن کان پيو ڇڪي ته وري رڪشا وارو بيگ کڻي ويو. بهرحال وري لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل تي شهر ڪم لاءِ ويس ته ڪاري وردي پهريل پوليس اهلڪارن بيهاريو ۽ ڪاغذ چيڪ ڪيا، پوءِ پڇيائون ته ڪٿان پيو اچين ۽ ڪاڏي پيو وڃين وري آخر ۾ پچائين ڇا ڪندو آهين.

 اڳتي ويس ته ٽريفڪ اهلڪار وري انڪروچمينٽ هٽائڻ ۾ مصروف هئا ۽ خبر پئي ته انڪروچمينٽ وارا وري ڪرسيون کڻندا پيا وتن. نيٺ ٻي ڏينهن ٽيسٽ هئي ته پي ٽي ايس ٻاهران سول ڪپڙن ۾ ملبوس ڪاوڙيل منهن کڻي هٿ ۾ واڪي ٽاڪي کنيل هڪ ماڻهوءَ تي نظر پئي جيڪو لڳي ايئن پيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ئي هي ماڻهو وٺندو. 5 کان 15 گريڊ جون نوڪريون ٽيسٽ ذريعي يا ڪنهن ٻي ٽيسٽنگ سروس ذريعي ئي ملنديون آهن في الحال آءِ بي اي ٽاپ تي آهي ۽ 16 کان مٿين گريڊ جون نوڪريون سنڌ اندر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين ٽيسٽنگ سروسز ذريعي ورتيون وڃن ٿيون جنهن ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن هن مهل اڳڀري ٽيسٽنگ سروس آهي. ياد رهي ته مٿي ڪيل ڳالهين مان اندازو لڳايو ته ڪوچ واري وڌيڪ ڪرايو ورتو، هوٽل واري وڌيڪ بل ورتو، ٽريفڪ واري جو ڪم ڊسٽرڪٽ پوليس، ڊسٽرڪٽ پوليس جو ڪم ٻيا ادارا ۽ انڪروچمينٽ جو ڪم ٽريفڪ پوليس وارا پيا ڪن.

 ان جو مقصد ڇا آهي جهڙي ريت هاڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڀرتي ٿيندڙ سياسي ماگرمڇن جا ويجها دوست، پارٽي ورڪر ۽ پيسن تي نوڪريون وٺندڙ به اڳتي هلي پنهنجو پنهنجو ڪم وساري ڇڏيندا ۽ سسٽم جو حصو ٿي ويندا.. هتي ڪم اهو ئي هلڻو آ ٻي ڪا اميد نه رکجو .�

(غلام مھدي بلوچ جي وال  تان کنيل)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.