اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا گئس جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو في الحال ملتوي ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ اي سي سي جي فيصلي جي منظوري نه ڏني وئي.
نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گئس اگهن ۾ واڌ بابت اي سي سي جي فيصلي جي منظوري نه ڏني وئي.
ڪابينا گئس جي اگهن ۾ واڌ جي معاملي تي وڌيڪ غور ويچار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي فيصلن جي منظوري غور هيٺ نه آندي وئي.
You might also like