اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا پاڪستان اسٽيل ملز کي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن جي نجڪاري کي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
هن چيو ته ڪابينا فلاءِ جناح کي عالمي روٽس تي آپريشنز جي منظوري ڏني، تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ سهڪار جي پروٽوڪول تي صحيحن جي منظوري به ڏني وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اها منظوري صنعتي شين ۽ خدمتن جي شعبي ۾ درآمدون ۽ برآمدون وڌائڻ لاءِ آهي.
Next Post
You might also like