پاڪستاني ڪپتان ۽ ٽيم خلاف سازش وائکي، ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

پاڪستان ٽيم جي ڀارت ۾ جاري عالمي ڪپ ۾ لاڳيتو شڪستن بعد سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جو سفر تقريب ختم ٿي چڪو آهي،  هڪ پاسي پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ رهي آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم ۾ اختلافن جون خبرون به ميڊيا تي ڇانيل آهن.

ورلڊ ڪپ ۾ لڳاتار چار ميچون هارائڻ کانپوءِ قومي رانديگرن سان ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي به ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

پر ان دوران پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر راشد لطيف دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا وڏا به قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي نظر انداز ڪرڻ لڳا آهن.

هڪ ٽي وي پروگرام گفتگو ڪندي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف دعويٰ ڪئي ته بابر اعظم مسلسل ٻن ڏينهن کان پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين، چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ ڊائريڪٽر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڏانهن پيغام اُماڻي رهيو آهي پر ڪرڪيٽ بورڊ جا ٽئي وڏا کيس جواب ناهن ڏئي رهيا.

راشد لطيف اِهو به چيو ته ذڪاءَ اشرف، سلمان نصير ۽ عثمان واهلا بابر اعظم جي پيغامن کي مسلسل نظرانداز ڪري رهيا آهن.

اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر موجب، پي سي بي رانديگرن کي خبردار ڪيو آهي هنن جيڪي سينٽرل ڪانٽريڪٽ سائن ڪيا آهن هاڻ اِهي نه مڃيا ويندا ۽ رانديگرن کي نون سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي صحيحون ڪرڻيون پونديون.

اڳوڻي ڪرڪيٽر راشد لطيف موجب، گذريل چئن کان پنجن مهينن دوران رانديگرن کي پهگارون ناهن مليون، اسلسلي ۾ ايشيا ڪپ کان پهرين بابر اعظم پي سي بي چيئرمين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر کيس صرف ” لولي پاپ“ ڏنو ويو.

ان دوران عالمي ڪپ ۾ مسلسل شڪستن بعد پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ورلڊ ڪپ لاءِ جيڪا اسڪواڊ چونڊي وئي اِها بابر اعظم ۽ انضمام الحق جي پسند هئي جنهن ۾ بورڊ ڪا به مداخلت نه ڪئي هئي.

پريس رليز سامهون اچڻ کانپوءِ ڪرڪيٽ تجزئي نگارن توڻي اڳوڻن ڪرڪيٽرن پاران دعويٰ ڪئي وئي ته پاڪستان ٽيم ۽ بورڊ وچ ۾ حالتون ٺيڪ نه آهن ۽ ورلڊ ڪپ کانپوءِ وڏي پئماني تي آپريشن ڪلين اَپ ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ بابر اعظم جي ڪپتاني سميت ڪيئي ڪرڪيٽرن جي مستقبل جو فيصلو ٿيندو.

پي سي بي ۽ قومي ٽيم وچ ۾ معاملا ڏينهون ڏينهن سنگين نوعيت اختيار ڪرڻ لڳا آهن ۽ هاڻي انڪشاف ٿيو آهي ته بابر اعظم ۽ سندس ٽيم خلاف سڀ ڪجهه سوچيل سمجهيل سازش تحت ٿي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ميڊيا ۾ ڪجهه مخصوص صحافين ذريعي ڪوڙي پروپئگنڊا شروع ڪئي وئي آهي بابر اعطم سميت پوري ٽيم کي نشانو بڻايو پيو وڃي.

ذريعن موجب، مخصوص صحافي ٽي وي چئنلز تي مختلف پروگرامن ۾ هڪ حڪمتي عملي تحت اِهو چوندي نظر اچي رهيا آهن ته موجودا ٽيم جا گهڻي قدر رانديگر بابر اعظم جي ” دوستي “ سبب کيڏي رهيا آهن، اِهو ئي مخصوص ٽولو ٽيم ۾ ڌڙا بندي، جهيڙن جون خبرون ليڪ ڪري رهيو آهي.

ٻئي پاسي وري پاڪستان سُپر ليگ جي ” مخصوص“ فرنچائز به موقعي مان فائدو کڻندي رضوان ۽ بابر اعظم کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، بابر اعظم ۽ محمد رضوان بِٽنگ ( جوا ) ڪمپني جي لوگو واريون شرٽ نه پائي ٽيم جو نقصان ڪري رهيا آهن.

جيڪڏهن اِهي سڀ ڳالهيون سچ آهي ته اِهو پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ انتهائي غلط هوندو، ڇاڪاڻ ته مُلڪ ۾ صرف ڪرڪيٽ بچي آهي جنهن سبب پاڪستاني قوم کي خوشي ملي ٿي، باقي سموريون رانديون ۽ ادارن جو ٻيڙو پهريان ئي ٻڏي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.