حماس اسرائيلي ٽئنڪن جو غزا تي حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج طرفان ٽئنڪن سان غزا شهر تي وڏي حملي جا اطلاع سامهون آيا هئا پر غزا جي ڀر واري علائقي ۾ فلسطيني مجاهدن ۽ اسرائيلي فوج ۾ شديد جهڙپون ٿيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب حماس جي ترجمان چيو آهي ته غزا شهر تي اسرائيلي ٽئنڪن جو حملو ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.
حماس ترجمان چيو ته صلاح الدين کان اسرائيلي ٽئنڪن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ويو، اسرائيلي ٽئنڪن ٻن شهرن جي گاڏين تي گولا وسايا هئا.
بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيل طرفان رهائشي علائقن ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي، صلاح الدين اسٽريٽ ۾ غاصب فوج جون ڪجهه ٽئنڪون ۽ هڪ بلڊوزر پهتو هو، جن طرفان ٻه سويلين گاڏين کي نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته اسان جي مزاحمت ٽئنڪن ۽ بلڊوزر کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ۽ شهري چرپر معمول تي اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.