پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

پنهنجي بيان ۾ انضمام الحق چيو ته ماڻهو بنا تحقيق جي ڳالهيون ڪري رهيا آهن،منهنجي ذات تي سوال اُٿاريا پيا وڃن، استعيفيٰ ڏيڻ بهتر سمجهان ٿو.

هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انڪواري ڪري مان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بنا جاچ جي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، جيڪو به الزام مڙهي رهيو آهي ثبوت پيش ڪري.

سندس چوڻ هو ته پي سي بي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته جاچ ڪريو، مون تي جيڪي به الزام مڙهيا ويا آهن انهن کي ثابت ڪرڻ لاءِ ثبوت به پيش ڪيا وڃن.

انضمام الحق جو چوڻ هو ته سندس پليئرز ايجنٽ ڪمپني سان ڪنهن به قسم جو واسطو ناهي، اهڙي قسم جي الزامن سبب ڏک پهتو.

هن چيو ته مڙهيل الزامن تي بورڊ سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪو شڪ آهي ته انڪواري ڪيو مان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

هن چيو ته هڪ فون آئي ۽ ٻڌايو ويو ته 5 ماڻهن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان تي بورڊ کي چيو ته جيستائين ڪميٽي جاچ مڪمل ڪري عهدو ڇڏيان ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته سمورا معاملا ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ پي سي بي سان ڳالهيون ڪندس، منهنجي خلاف انڪواري ٿي رهي آهي، انڪري محسوس ڪيو ته عهدي کان ڌار ٿيڻ گهرجي ۽ انڪواري جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.

ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) اڳوڻي چيف سليڪٽر انضمام الحق خلاف الزامن بابت جاچ لاءِ پنج رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، جاچ ڪميٽي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چونڊ واري عمل بابت ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيندڙ مفادن جي ٽڪراءَ وارن الزامن جي جاچ ڪندي.

ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۽ سفارشون پي سي بي انتظاميا کي جلد پيش ڪندي .

پي سي بي موجب، ڪميٽي کي الزامن جي جاچ لاءِ مڪمل اختيار ڏنو ويو آهي.

هوڏانهن اطلاع آهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪيٽر انضمام الحق پاڻ مٿان مڙهيل الزامن تي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف سان ملاقات ۽ وضاحت ڏيڻ بدران استعيفيٰ ڏني آهي.

ذريعن موجب، ذڪاءَ اشرف چيف سليڪٽر انضمام الحق کي ملاقات لاءِ اڄ قذافي اسٽيڊيم طلب ڪيو هو، ملاقات ۾ ذڪاءَ اشرف انضمام سان ميڊيا رپورٽن تي وضاحت چاهي پيو، چيف سليڪٽر ۽ رانديگرن جي ميڊيا ڪمپني جي حوالي سان گردش ڪندڙ خبرن تي بورڊ کي خدشا هئا.

ان ڏس ۾ ذڪاءَ اشرف جو چوڻ آهي چيف سليڪٽر ساڻس ناهي مليو، انضمام الحق کي وضاحت لاءِ طلب ڪيو هو.

واضح رهي ته انضمام الحق اهڙي وقت ۾ عهدي تان استعيفيٰ ڏني آهي جڏهن عالمي ڪپ لاءِ ٽيم ڀارت ۾ موجود آهي ۽ ميگا ايونٽ ۾ مسلسل چار ميچون هارائي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.