اسرائيل پاران غزا جي ٻي وڏي اسپتال ترت خالي ڪرڻ جي ڌمڪي

تل ابيب ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل طرفان غزا ۾ وحشياڻي بمباريءَ جو سلسلو جاري آهي ۽ ويجهڙ ۾ غزا جي ترڪش اسپتال ۾ بمباريءَ جي نتيجي ۾ تباهي جا منظر ڏٺا ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ صيهوني فوج طرفان اسپتال تي ڪيل حملي ۾ پنج سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ ڇهه سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا جنهن کانپوءِ هنيئر تائين هڪ ڀيرو وري ترڪش اسپتال ۾ بمباريءَ سبب تباهي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

اِهو ئي نه اسرائيل غزا جي ٻي وڏي القدس اسپتال ترت خالي ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيل طرفان غزا جي ٻي وڏي اسپتال کي نشانو بڻائڻ جو خطرو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، اسپتال جي ڀرپاسي ۾ اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جاري آهي جنهن سبب اُٿندڙ بارود ۽ دونهين سبب زخمين ۽ پناهه وٺندڙ جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳو آهي.

غزا جي القدس اسپتال ۾ 14 هزار ماڻهو موجود آهن، ڪوريڊرو ٻارن ۽ عورتن سان ڀرجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.