اسرائيل کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي: آمريڪي نائب صدر

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي نائب صدر ڪمالا هيرس آمريڪي فوجي دستن جي غزا يا اسرائيل روانگي وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ آمريڪا جِي نائب صدر ڪمالا هيرس چيو ته خطي ۾ وڌندڙ تشدد واري هن ماحول ۾ آمريڪا جو غزا يا اسرائيل ۾ پنهنجي فوج موڪلڻ جو ڪو ارادو ناهي.

هن چيوته قطعي طور تي اسان جو اهڙو ڪو ارادو ناهي ۽ نه ئي ان ڏس ۾ ڪا منصوبابندي غور هيٺ آهي ته ڪنهن خاص مدي لاءِ اسرائيل يا غزا ۾ آمريڪي فوجي دستن کي لاٿو ويندو.

آمريڪي نائب صدر چيو ته هڪ اندازي موجب هنيئر تائين 14 سئو اسرائيلي مارجي ويا آهن، بنا ڪنهن سوال جواب جي مان اِهو چوڻ چاهينديس ته اسرائيلين کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.