اهي غذائون جيڪي جواني ۾ چهري تي گھنجن جو سبب بڻجن ٿيون

عمر وڌڻ سان گڏ کَل تي به اثر پوندا آهن ۽ اهو قدرتي عمل هوندو آهي.

وچولي عمر ۾ چهري تي گھنج پوڻ لڳندا آهن ۽ عام طور تي ائين اهڙن حصن تي ٿيندو آهي جيڪي چهري جي تاثرن جي دوران سرگرم رهندا آهن.

وڌندڙ عمر سان کَلَ جي ٿولهه گھٽجي ويندي آهي لچڪ به ختم ٿيڻ لڳندي آهي جنهن سان گھنج نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.

پر ائين جواني ۾ به ممڪن آهي ۽ ان جو سبب اوهان جون ڪجهه عام غذائي عادتون ٿي سگھن ٿيون.

انهن عادتن کي ڪنٽرول ڪري اوهان وقت کان اڳ گھنج ظاهر ٿيڻ کي روڪي سگھو ٿا.

مٺي جو استعمال

کنڊ جي گھڻي استعمال سان سوڄ وڌندي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ گھنج ۽ کَل جا ٻيا مسئلا ٿي سگھن ٿا.

کنڊ جي وڌيڪ استعمال سان جسم جي اندر Glycation نالي عمل متحرڪ ٿيندو آهي.

ان عمل دوران شگر ماليڪيول جلد جي لچڪ فائبرز ۽ ڪوليگن سان سلهاڙجي ويندا آهن ۽ انهن کي ڪمزور بڻائي ڇڏيندا آهن.

ان سان گھنج ظاهر ٿيندا اهن يا ائي چئجي ته وقت کان اڳ ماڻهو پوڙهو ٿي ويندو آهي.

Glycation سان انسولين جي سطح به وڌندي آهي جنهن سان به کَل جي لچڪ متاثر ٿيندي آهي ۽ گھنج ٿيڻ لڳندا اهن.

تَريل غذائون

تريل غذائون جهڙو سموسا، پٽاٽن جي چپس ۽ ٻين ۾ ٽرانس فيٽس جو مقدار گھڻو هوندو آهي جنهن سان صحت ۽ کل تي ناڪاري اثر پوندا آن.

اهڙين غذائن جي استعمال سان به سوڄ وڌندي آهي جنهن سان جسماني عمر ۾ واڌ جي رفتار وڌي ويندي آهي.

ماهرن موجب اهڙين غذائن سان جسم ۾ پاڻي جي سطح به گھٽجي ويندي آهي جنهن سان به گھنج ظاهر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

پراسيس گوشت

پراسيس گوشت ۾ لوڻ ۽ سڻڀ جو مقدار گھڻو هوندو آهي.

تحقيقي رپورٽن موجب پراسيس گوشت جي گھڻي استعمال سان کَلَ ۾ گھم گھٽجي ويندي آهي ۽ سوڄ وڌندي آهي جنهن سان گھنج ٿيڻ لڳندا آهن.

چانهه يا ڪافي جو گھڻو استعمال

چانهه يا ڪافي جي گھڻي استعمال سان صحت کي ڪيترائي فائدا ٿيندا آهن پر انهن شربتن کي گھڻو پيئڻ کل کي نقصان پهچائڻ آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته ڪيفين جي گھڻي استعمال سان کل جي لچڪ وڌائيندڙ هارمونز جي سطح گھٽجي ويندي آهي جنهن سان گھنج ٿيڻ لڳندا آهن.

تحقيق ۾ مشورو ڏنو ويو آهي ته چانهه يا ڪافي جو استعمال محدود ڪرڻ گھرجي.

تماڪ واپرائڻ

سگريٽ واپرائڻ اوهان جي کَل لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ ان جي نتيجي ۾ ننڍي عمر ۾ ئي چهري تي گھنج پئجي ويندا اهن، خاص طور تي وات جي چوڌاري ان جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.

ته ان جو سولو حل تماڪ واپرائڻ کان پاسو ڪرڻ ئي آهي.

پاڻي جو گھٽ استعمال

مناسب مقدار ۾ پاني نه پيئڻ سان کَل جي صحت متاثر ٿيندي آهي خشڪ ٿي ويندي آهي.

ڊي هائڊريشن جي نتيجي ۾ کل جي چمڪ ختم ٿي ويندي آهي ۽ گھنج يا اکين جي چوڌاري ڪارا داغ ظاهر ٿيندا آهن.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.