ڪراچي (ويب ديسڪ) انٽر بينڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب انٽر بينڪ ۾ اڄ ڊالر 277.95 رپين تي بند ٿيو، انٽر بينڪ ۾ اڄ ڊالر 6 پيسا مهانگو ٿيو.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 9 پيسا مهانگو ٿي 278.88 رپين جو ٿي ويو.