دنيا ۾ هزارين ماڻهو رت جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن.
رت جيکوٽ کي طبي ٻولي ۾ انيميا چيو ويندو آهي جنهن جا ڪيترائي قسم آهن پر سڀ کان عام قسم جسم ۾ آئرن جي کوٽ جو نتيجو هوندو آهي.
گھڻا ماڻهو انيميا کي جسم ۾ آئرن جي کوٽ سبب انيميا کي منهن ڏيندا آهن، اهڙيءَ طرح وٽامن بي جي کوٽ سان به ان مسئلي کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
جسم کي آئرن جي ضرورت هڪ پروٽين هيموگلوبن بڻائڻ لاءِ به پوندي آهي جيڪو رت جي ڳاڙهن ذرڙن کي آڪسيجن کڻي وڃڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي.
رت جا ڳاڙها جُزا سڄي جسم ۾ آڪسيجن پهچائڻ جو ڪم ڪندا آهن.
اسان جي جسم جي هر حصي کي پنهنجن فعلن لاءِ آڪسيجن جي ضرورت هوندي آهي ۽ رت ۾ آڪسيجن جو اڻپوري مقدار سان مختلف علامتن کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
انيميا مان متاثر ٿيڻ جو اشارو ڏيندڙ علامتون هيٺ بيان ڪجن ٿيون.
جسماني سرگرمين دوران سهڪڻ
آئرن جي کوٽ ٿيڻ تي اسان جو جسم هيموگلوبن ناهي بڻائيندو جيڪو رت جي ڳاڙهن جزن جي ضرورت هوندو آهي.
هيموگلوبن جي ڪري آڪسيجن کي جيوگھرڙن سان جڙڻ جو موقعو ملندو آهي، جنهن کي اهيجسم جي مختلف حصن تائين پهچائيندا آهن.
آئرن جي کوٽ سبب جسم جي مختلف حصن کي مناسب مقدار ۾ آڪسيجن ناهي ملندي جنهن جي نتيجي ۾ جسمان سرگرمين دوران ساهه منجهندو ۽ ماڻهو سهڪندو آهي.
جيڪڏهن عام جسماني سرگرمين دوران سهڪو ٿئي ته اها رت جي کوٽ جي نشاني ٿي سگھي ٿي.
هر وقت ٿَڪُ
طبي ماهرن موجب هر وقت ٿَڪ جو احساس رت جي کوٽ جي سڀ کان وڏي علامت آهي.
هن ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهن کي مرڻ جي حد تائين ٿڪ رهندو آهي، جڏهن ڪجهه کي ڪم ڪندي ٿڪ محسوس ٿيندو آهي.
جسم ۾ آئرن يا وٽامن بي 12 جي کوٽ ان ٿڪ جو سبب بڻبي آهي.
کَلَ جو رنگ ڦڪو ٿي سگھي ٿو
اسان جي کَلَ جي سطح هيٺان رت جا خليا (سيلز) موجود هوندا آهن ۽ جيڪڏهن انهن سيلز جو مقدار گھٽجي وڃي ته کَلَ تائين مناسب مقدار ۾ رت ناهي پهچندو، جنهن سبب کَلَ جو رنگ ڦڪو محسوس ٿيڻ لڳندو آهي.
ماهرن موجب اها به رت جي کوٽ جي هڪ وڏي علامت آهي، حقيقت ۾ هٿ جي تِري يا ننهن ۾ نظر ايندڙ ڦڪاڻ به انيميا جو اشارو آهي.
سيني ۾ تڪليف
جڏهن جسم ۾ رت جي صحتمند ڳاڙهڻ جذن جو انگ گھٽجي ويندو آهي ته دل کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي.
ان جي نتيجي ۾ سيني ۾ تڪليف جو احساس ٿي سگھي ٿو.
هٿ پير ٿڌا ٿيڻ
جيڪڏهن انيميا آئرن جي کوٽ جو نتيجو هجي ته اوهان جا هٿ ۽ پير هر وقت ٿڌا محسوس ٿيندا آهن.
جڏهن جسم ۾ رت جي ڳاڙهن جزن جي کوٽ هوندي آهي ته اسان جو جسم، دل، دماغ ۽ بُڪين وغيرا لاءِ رت جي فراهمي کي ترجيح ڏيندو آهي جڏهن ته هٿن ۽ پيرن کي ضرورت کان گھٽ رت ملندو آهي.
ان جي نتيجي ۾ هٿ پير ٿڌا ٿيڻ جو احساس ٿيندو آهي.
لاڳيتو مٿي ۾ سور
ننڊ جي کوٽ دٻاءَ يا ڪنهن بيماري سبب ڪڏهن ڪڏهن مٿي ۾ سور هر فرد کي ئي پوندو آهي.
پر جڏهن مٿي ۾ سور زندگي جو حصو بڻجي وڃي ته بهتر آهي ته جسم ۾ آئرن جي سطح جي ٽيسٽ ڪرائجي.
ماهرن موجب رت جي ڳاڙهڻ جزن جي کوٽ سبب اسان جو جسم دماغ لاءِ رت جو وهڪرو وڌائي ڇڏيندو آهي جنهن سبب مٿي ۾ سور ٿيندو آهي.
دل جي ڌڙڪي جي رفتار تبديل ٿيڻ
آئرن جي کوٽ سبب ٿيندڙ انيميا جي هڪ وڏي علامت دل جو ڌڙڪو بي ترتيب ٿيڻ آهي.
رت جي کوٽ جو شڪار ماڻهن ۾ هيموگلوبن جي سطح گهٽجي ويندي آهي جنهن سبب دل کي جسم جي مختلف حصن تائين آڪسيجن پهچائڻ ۾ سخت محنت ڪرڻي پوندي آهي ۽ دل جي ڌڙڪي جي رفتار وڌي ويندو آهي يا اها بي ترتيب ٿي ويندي آهي.
مٿي کي چڪر اچڻ
مٿي کي چڪر اچڻ به رت جي کوٽ جي هڪ علامت آهي.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته جڏهن جسم ۾ رت جي صحتمند ڳارهن جزن جو انگ گھٽجي ويندو آهي ته دل کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي.
ان جي نتيجي ۾ اڪثر مٿي کي چڪر جهڙي مسئلي کي منهن ڏئي سگھجي ٿو.
چِڙ
جيڪڏهن اوهان اوچتو وڌيڪ چڙچڙا ٿي ويا آهيو يا ڪاوڙ جلد اچي ته اها به رت جي کوٽ جي علامت ٿي سگھي ٿي.
طبي ماهرن موجب اهو ته واضح ناهي ته انيميا جا مريض چڙاچڙا ڇو ٿيندا آهن پر امڪاني طور تي جسم ۾ آڪسيجن جي کوٽ ان ۾ ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي.
وات پچي پوڻ يا داڻا نڪرڻ
اسان جي زبان ۽ وات جسم بابت گھڻو ڪجهه ٻڌائيندا آهن.
جيڪڏهن اڪثر وات پچي پوي ته اها به جسم ۾ آئرن جي کوٽ جي نشاني ٿي سگھي ٿي.
عجيب شيون کائڻ جي خواهش
مٽي يا اهڙيون ئي عجيب شيون کائڻ جي خواهش به انيميا جي نشاني ٿي سگهي ٿي.
برف، مٽي ۽ ڪاٺي وغيرا جي عادت کي اڪثر انيميا جي مريضن ڏٺو ويو آهي، جنهن جو سبب ته واضح ناهي پر طبي ماهر ان کي آئرن جي کوٽ سان سلهاڙيندا آهن.
وار ڇڻڻ
آئرن وارن لاءِ گھڻو اهم آهي ۽ ان جي کوٽ جي نتيجي ۾ وار تيزي سان ڇڻندا آهن.
اها گھڻي عام علامت ناهي پر مٿي بيان ڪيل علامتون به گڏوگڏ نظر اچن ته اها انيميا جي نشاني ٿي سگھي ٿي.
نوٽ:اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيل تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به ضرور مشورو ڪريو.