ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گرمي پد ۾ واڌ ٿي وئي، جڏهن ته اڳتي وڌيڪ گرمي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
سومر ڏينهن بلوچستان جون گرم اتر اولهه ريگستاني هوائون اثرانداز ٿيڻ سبب موسم گرم رهي، ڏينهن جو تيز اُس سبب گرمي پد گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ 3.3 ڊگري واڌ سان 37.5 ڊگري سينٽي گريڊ رهيو، جڏهن ته هوا ۾ گهم جي شرح 45 سيڪڙو رهي.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب اڱاري ۽ اربع تي پارو 39 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو پر هوا ۾ گهم جي شرح گهٽ هجڻ سبب غير معمولي صورتحال پيدا نه ٿيندي، گرمي جي لهر دوران گهم جي شرح 30 کان 40 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته گرمي جي جزوي لهر دوران هيٽ ويو جو ڪو امڪان ناهي، هيٽ ويو ۾ مسلسل 3 ڏينهن پارو 40 ڊگري کان وڌيڪ ۽ سامونڊي هوائن جي بندش ۽ گهم جي شرح 60 سيڪڙو تائين هجڻ سميت ٻيا عمل شامل آهن.
سردار سرفراز عوام کي مشورو ڏنو ته ڏينهن جو ڇانوَ ۾ ويهڻ کي ترجيح ڏيو ۽ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو.
Next Post
You might also like