”اسرائيل کي نسل ڪشي جي قيمت چڪائڻي پوندي“

استنبول (ويب ڊيسڪ) غزا ۾ اسرائيل جي وحشياڻي حملن کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ترڪ صدر چيو آهي ته اسرائيل کي غزا ۾ نسل ڪشي جي قيمت چڪائڻي پوندي.
پنهنجي بيان ۾ رجب طيب اردگان چيو ته اسرائيل جي قاتل حڪومت هزارين ماڻهن جو قتل عام ڪيو آهي، پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ فلسطينين ۽ لبنان جي متاثرن سان تعزيت جو اظهار ڪيون ٿا.
هن چيو ته اسرائيل جي نسل ڪشي، قبضي ۽ جارحيت جي پاليسي هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي، غزا ۾ نسل ڪشي کي نه روڪيو ويو ته دنيا ۾ ڪڏهن امن قائم نه ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.