خدا ڪري نيتن ياهو جو ڊگھو ۽ دردناڪ موت ٿئي:عثمان خالد بٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪار عثمان خالد بٽ چيو آهي ته هن جي خواهش آهي هو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو دردناڪ موت جو ڏينهن ڏسان تيستائين زندهه رهان.
غزا تي اسرائيلي بمباري سبب وڌيڪ 300 فسلطيني شهيد ٿي ويا، گڏيل قومن جي رليف ايجنسي جي 53 اهلڪارن سوڌو شهيدن جو گڏي انگ 7 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي، 15 اهلڪار رڳو هڪ ئي ڏينهن مارجي ويا جڏهن ته هيل تائين گڏيل طور تي 21 هزار کان وڌيڪ فلسطيني اسرائيلي حملن ۾ زخمي ٿي چڪا آهن.
ان حوالي سان شوبز شخصيتون اسرائيلي هوڏ تي آواز اٿاري رهيون آهن، اداڪار عثمان خالد به ايڪس تي بيان جاري ڪندي لکيو ته مون کي اميد آهي ته آئون اهو ڏينهن ڏسندس جڏهن ان جنگي ڏوهه (نيتن ياهو) کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
هن چيو ته اسرائيل جو مقصد حماس کي ختم ڪرڻ نه پر هو سدائين کان فلسطين کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ چاهيندو هو ۽ اڄ اهو ئي ٿي رهيو آهي.
اداڪار اسرائيلي وزيراعطم نيتن ياهو کي مخاطب ڪندي چيو ته اها جنگ رڳو عزا تي ختم نه ٿيندي پر اوهان جو موت به بدترڊگهو ۽ دردناڪ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.