مسلمانن جي غزا حملن تي خاموشي، ناديا جميل مڇرجي پئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور سينيئر اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن ناديا جميل اسرائيل جي فلسطين تي ڪيل لاڳيتو بمباري تي پاڪستان سوڌو ٻين خاموش مسلمان ملڪن تي مڇرجي پئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب اسرائيل جي فلسطين تي تازي بمباري سبب موصلاتي نظام تباهه ٿي ويو، اسرائيلي بمباري مان آخري بچي ويل انٽرنيشنل ڪيبل به تباهه ٿي وئي آهي جنهن سبب غزا جو دنيا سان رابطو ڪٽجي ويو آهي.
غزا تي اسرائيلي بمباري سبب وڌيڪ 300 فسلطيني شهيد ٿي ويا، گڏيل قومن جي رليف ايجنسي جي 53 اهلڪارن سوڌو شهيدن جو گڏي انگ 7 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي، 15 اهلڪار رڳو هڪ ئي ڏينهن مارجي ويا جڏهن ته هيل تائين گڏيل طور تي 21 هزار کان وڌيڪ فلسطيني اسرائيلي حملن ۾ زخمي ٿي چڪا آهن.

پاڪستان جا ڪيترائي اداڪار اسرائيل جي ظلمن تي دنيا جي خاموش ملڪن خلاف آواز اٿاري رهيا آهن.
ناديا جميل سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي ترڪيه جي هڪ ٽي وي پروگرام جي وڊيو ڪلپ شيئر ڪئي جنهن ۾ هڪ فلسطيني جو پيغام پڙهي ٻڌايو پئي ويو.
فلسطينين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مسلمان ملڪ کي چئو ته اهي اسان جي جنازي نماز نه پڙهن، اسان زندهه آهيون ۽ اوهان مري چڪا آهيو.
ان پيغام حيانءُ ڏاريندڙ پيغام تي ردعمل ۾ ناديا لکيو ته پاڪستان سوڌو هر مسلمان ملڪ کي شرم اچڻ گھرجي جيڪو خاموشي سان اسرائيل جي هٿان فلسطين جي نسل ڪشي ڏسي رهيو آهي.
هن مايوس ۽ بي وسي جي ڪيفيت ظاهر ڪندي چيو ته آئون تمام شرمندا آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.