اسرائيلي ٽڪ ٽاڪر مظلوم فلسطينين جي بي وسي تي ٺٺول ڪرڻ لڳا

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ظلمن سبب هڪ پاسي جتي غزا واسين جي حالت دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو آهي ته ٻي پاسي اسرائيلي ٽڪ ٽاڪرز مظلوم فلسطينين جي بي وسي تي ٺٺو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري طرفان ان جي اڪائونٽ تي ڪجهه وڊيوز شيئر ڪيون ويون آهن، وڊيوز ۾ ٽڪ ٽاڪرز کي غزا جي مظلومن جي بي وسي تي ٺٺول ڪندي ڏسي سگھجي ٿو.
هڪ وڊيو ۾ اسرائيلي ٽڪ ٽاڪر غزا جي مظلومن جي تباهه ٿيل گھرن جي تصويرن جي اڳيان ڊانس ڪندي ۽ پنهنجي ڪمري جي لائيٽ آن آف ڪندي نظر آيا.
اهو ئي نه پر اسرائيلي ٽڪ ٽاڪر پاڻي بجلي جي استعمال ذريعي فلسطينين جي مجبورين تي به ٺٺول ڪئي.

سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ ٻي وڊيو ۾ ٽڪ ٽاڪر اسرائيلي عورت کي فلسطيني عورتن جهڙو لباس پهري ڪيچپ ۽ ميڪ اپ ذريعي زخمي ٻارن ۽ عورت تي ٺٺول ڪندي ڏٺو ويو.
ان وڊيو ۾ اسرائيلي عورت هٿ ۾ گريپ فروٽ کڻي اهو ظاهر ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ته فلسطيني ٻارن کي مارڻ جي دعويٰ ڪوڙي آهي.
ٻي پاسي گڏيل قومن جي انساني حقن جي سربراهه جو چوڻ هو ته فلسطين بابت دنيا ناڪام ٿيرهي آهي. مارٽن گريفٿس سوشل ميڊيا تي لکيو ته دنيا انسانيت جي هڪ حصي جي حقدارن کي بچائن ۾ ناڪامي ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.