وارن کي رنگ ڪرائيندڙ عورت موت جي منهن ۾ پهچي وئي

اڄ ڪالهه وارن کي رنگ ڪرڻ گھڻو عام ٿي چڪو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ان جو انجام گھڻو خراب ٿي سگهي ٿو، جيئن برطانيا سان واسطو رکندڙ هڪ عورت سان ٿيو.
حقيقت ۾ لورا ويلايا نالي عورت 7 سال اڳ پنهنجن وارن کي رنگ ڪرائڻ بعد موت جي منهن ۾ پهچي وئي هئي.
ان عورت جو چهرو هيئر ڪلر سبب ٿيندڙ ايلرجي سبب ڦوڪڻي جيان ڦوڪجي سڃاڻپ جهڙو نه رهيو هو.
ان وقت لورا ويلايا جي عمر 18 ورهيه هئي جڏهن وارن کي ڪارو ڪرائڻ بعد کيس ايلرجي ري ايڪشن ٿيو هو ۽ کيس ڪيترائي ڏينهن اسپتال ۾ گذارڻا پيا.
اهو عورت طرفان وارن کي رنگ ڪرائڻ جو پهريون ۽ آخري تجربو ثابت ٿيو.
وارن رنگ ڪرائڻ جي فوري بعد ئي خارش ۽ بخار جهڙين علامتن کي منهن ڏنو.
هن آمريڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اهو هن لاءِ حيران ڪندڙ هو ڇو جو هيئر ڊريسر ايمونيا فري هيئر ڊاءِ استعمال ڪئي هئي ۽ عام طور تي ماڻهن کي ان سان ايلرجي ناهي ٿيندي.
لورا ويلايا انن وقت فرانس ۾ موجود هئي ۽ ناٽنگھم ۾ موجود گھر واپس وڃڻ کان اڳ وارن جو انداز تبديل ڪرڻ چاهي پئي.
وار رنگڻ بعد جهاز ذريعي گھر واپس ويندي کيس لاڳيتو جلن محسوس ٿي ۽ پگھر خارج ٿيندو رهيو.
ٻئي ڏينهن صبح جو هو ننڊ مان اٿي ته سندس ويهاڻي ۾ گند (پس) پکڙيل هو.
سندس مٿي تي هر هنڌ گند سان ڀريل ڳوڙها ٿي ويا هئا، جنهن بعد کيس طبي مرڪز سان رابطو ڪرڻو پيو، جتي ڪجهه دوائون تجويز ڪيون ويون پر سندس حالت ۾ بهتري نه آئي.
هن ٻڌايو ته منهنجي حالت بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿي وئي، ڳچيءَ ۾ عجيب نشان بڻجي ويا جڏهن ته چهرو سڄي ويو، آئون ٻيهر ڊاڪٽرن وٽ ويس ته مون کي چيو ويو ته اهي مون لاءِ ڪجهه به نٿا ڪري سگهن.
ان وقت لورا ويلايا جو چهرو ايترو سڄي ويو هو جو سندس شڪل سڃاڻپ جوڳي نه هئي، جيئن جو تيئن سندس ڳلو ۽ زبان به سڄي وئي ۽ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هن کي 10 ڏينهن اسپتال ۾ رهڻو پيو، جتي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته سندس حياتي خطري ۾ آهي.
هن ٻڌايو ته هو دهشت واري زندگي گھاري رهي هئي، هوءِ ڊاڪٽرن وٽ ٻه ڀيرا وئي پر ڪو به سندس مدد نه ڪري سگھيو.
ڊاڪٽرن موجب امڪاني طور تي عورت کي هيئر ڊاءِ ۾ موجود جز anaphylactic سان ايلرجي ٿي، ڇو جو ان سان ٿيندڙ ايلرجي سبب خارج ٿيندي آهي جڏهن ته متاثر حصا سڄي ويندا اهن، ڪيترائي ڀيرا ساهه جي نالي به سڄي ويندي آهي جهنهن سان ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ موت جو خطرو وڌي ويندوآهي.
هاڻي لورا ويلايا 25 ورهين جي ٿي چڪي آهي ۽ هن تازو ئي ٽڪ ٽاڪ تي پنهنجي زندگي جي ان ڀوائتي تجربي کي شيئر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.