دل بند هجڻ سبب بيٽرين تي هلندڙ عورت

آمريڪي رياست ميساچوسٽس سان واسطو رکندڙ 30 ورهين جي عورت صوفيا هارٽ دل جي غير معمولي جينياتي حالت سان گڏ زندگي گھاري رهي آهي جنهن سبب دل جو ڌڙڪو بند ٿي چڪو آهي هوءَ بيٽرين تي زندهه رهڻ تي مجبور آهي.

صوفيا ۾ دل جي پٺن جي خرابي ”ڪارڊيو مايوپيٿي“ جي سڃاڻپ ٿي جيڪا دل جي شريانين کي متاثر ڪندي آهي ۽ امڪاني طور تي دل جي ناڪامي جو سبب بڻبي آهي.

صوفيا هڪ حياتي بچائيندڙ طبي اوزار تي هلي رهي آهي جنهن کي ”Left Ventricular Assst“ چيو ويندو آهي.

اها ڊوائيس يقيني بڻائيندي آهي ته دل ڌڙڪندي رهي، ان دوران کيس هارٽ ٽرانسپلانٽ جو جو انتظار آهي.

”Left Ventricular Assst“ دل جي کٻي پاسي پمپنگ ۾ مڪينيڪل طور تي مدد ڪري سڄي جسم ۾ رت جي گردش کي برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندي آهي.

صوفيا کي 2022ع جي گرمين جي موسم ۾ گھوڙن جي فارم ۾ ڪم ڪندي خبر پئي ته سندس اها حالت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.