پاڪستان کان پوائنٽس ٽيبل تي پوزيشن کسجي وئي

بنگلورو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا هٿان انگلينڊ جي شڪست کانپوءِ پاڪستان پنجين پوزيشن وڃائي ويٺو.

بنگلورو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڄ کيڏيل آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي 25هين ميچ ۾ سريلنڪا دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل تي پنجين نمبر تي اچي ويو آهي جڏهن ته پاڪستان پنجين کان ڇهين نمبر تي اچي ويو آهي.

پوائنٽس ٽيبل تي ڀارت 10 پوائنٽس سان سرفهرست آهي، ڏکڻ آفريڪا 8 پوائنٽس ۽ رن ريٽ +2.370 سان ٻئين، نيوزيلينڊ 8 پوائنٽس سان ۽ نيٽ رن ريٽ +1.481 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي جڏهن ته آسٽريليا 6 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي.

سريلنڪا 4 پوائنٽس ۽ -0.205 جي نيٽ رن ريٽ سان پنجين ۽ پاڪستان -0.400 جي نيٽ رن ريٽ سان 4 پوائنٽس سان ڇهين نمبر تي اچي ويو.

افغانستان ستين، بنگلاديش اٺين، انگلينڊ نائين ۽ هالينڊ ڏهين نمبر تي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.