ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گھرو وزير حارث نواز چيو آهي ته پهرين آڪٽوبر کان غير قانوني طور ترسيل پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون ٿيندو.
ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حارث نواز جو چوڻ هو ته اخري ڀيرو خبردار ڪري رهيا آهيون، اسان گھڻي مهمان نوازي ڪري ورتي، پنهنجن مائٽن سان رابطو ڪيو ۽ واپس هليا وڃو، ڪنهن به غير قانوني پناهگير کي پناهه ڏني ته سخت ڪارروائي ٿيندي.
حارث نواز چيو ته اسپيشل برانچ کان مڪمل تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن، غير قانوني طور ترسيل پناهگيرن بابت ڪيامياڙي ۾ ڪيمپ بڻايا ويندا، ڀارتين کي واگھا بارڊر کان موڪليو ويندو.
هن چيو ته غير قانون طور ترسيل پرڏيهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، نادرا جيڪڏهن جعلي ڪارڊ بڻايا آهن ته ان لاءِ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جعلي ڪارڊز تي نادرا خلاف به ڪارروائي ٿيندي، جن پناهگيرن وٽ نادرا ڪارڊ ۽ پاسپورٽ آهن اهي ٻيهر چيڪ ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۾ پنجاب حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، هاڻ اسان ڪچي جي ڌاڙيلن کي نه ڇڏينداسين.
هن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۽ منشيات خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون جاري آهي.