ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پوليس جي ملازمن لاءِ اي شيٽ ڊجيٽل ايپ متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن جي باظابطا شروعات ايندڙ هفتي کان ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ ڏکڻ زون ۽ سيڪيورٽي ڊويزن جي ملازمن کي اي شيٽ تائين پهچ ڏني ويندي اِها ڊجيٽل ايپ موبائيل فونز ذريعي سڌي ريت ايڇ آر ايم آءِ ايس سان جڙيل هوندي.
سنڌ پوليس جي ملازمن لاءِ اي شيٽ ڊجيٽل ايپ متعارف ڪرائڻ بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس کي ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ڊائريڪٽر آءِ ٽي بريفنگ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته اي شيٽ جي حوالي سان ٽريننگ جي شروعات 27 آڪٽوبر کان ڪئي ويندي.
اي شيٽ ذريعي پوليس ملازم پنهنجي بدلي، مقرري، ترقي، تنزلي، سالياني/ايمرجنسي موڪلن، شوڪاز، سزائن، تربيتي ڪورسز، فيملي، بينفشري،ويلفيئر پروفرائلز ۽ کاتي جي ٻين معاملن ۽ حڪمن جو پاڻ جائزو وٺي سگهندا.
جديد ايپ ذريعي ڏکڻ زون ۽ سيڪيورٽي ڊويزن جا گهٽ ۾ گهٽ 20 کان 21 هزار ملازم لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
ان موقعي تي آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا چيو ته سنڌ پوليس جو ڊجيٽلائزيشن ۽ آءِ بيسڊ پوليسنگ ڏانهن وڃڻ جي اِها هڪ ٻي وک آهي.
سندس چوڻ هوته اسان جي جوانن جي سهولت ۽ سولائي لاءِ اي شيٽ ايپ ۾ اردو ۽ سنڌي ٻولي کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن سپاهي نه رڳو ايپ کي پڙهي سگهن پر سمجهي به سگهن.
هن چيو ته اي شيٽ جي باظابطا شروعات کانپوءِ هو پاڻ به ان جي مانيٽرنگ ڪندو.