نئين (ويب ڊيسڪ) ڀارت جا مختلف حصا 2025ع تائين زميني پاڻي جي شدت کوٽ کي ڏيندا.
اها تنبيهه گڏيل قومن طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڪئي وئي.
گڏيل قومن جي يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ فار انوائرمينٽ اينڊ هيومن سيڪيورٽي طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارت ۾ انڊو-گنگا بيسن جي ڪجهه حصن ۾ زمين جي پاڻي جي سطح اڳ ئي خطرناڪ حد تائين گھٽجي چڪي آهي ۽ هاڻي ڀارت جي اتر اولهه خطي جي جر جو پاڻي به ختم ٿيڻ جي ويجهو آهي.
رپورٽ ۾ 2025ع تائين ڀارت جي اتر اولهه خطي ۾ جر جي پاڻي جي سطح گھڻي گھٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
عالمي اداري جي رپورٽ موجب ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته دنيا جي ماحولياتي صحت جا 6 پيمانا تباهي جي ٻه واٽي تي پهچي چڪا آهن.
جر جي پاڻي ۾ گھٽتائي، گليشيئرز جو ڳرڻ، خلائي ملبو، مختلف جاندارن جي ختم ٿيڻ ۾ تيزي، برداشت نه ٿيڻ جوڳي گرمي ۽ مستقبل بابت خطرا اهي پيمانا آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ خبردار ڪيو ويو ته دنيا جا وڏا آبي ذخيرن ۾ اڌ قدرتي طور تي ڀرجڻ بدران تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن.
يو اين رپورٽ موجب سعودي عرب ۾ اڳ ئي زمين هيٺ پاڻي جي دستيابي گھڻي حد تائين گھٽجي چڪي آهي ۽ ڀارت به ان لسٽ ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي، ڇو جو ڀارت ۾ 70 سيڪڙو زميني پاڻي جو استعمال زراعت جي شعبي ۾ ٿيندو آهي.
پاڻي جي دستيابي محدود ٿيڻ سان خوراڪ جي پيداوار جو مسئلو به پيدا ٿي سگھي ٿو.